پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن

پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن: پاڪستان انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (PIDC) صنعتي ترقيءَ جي حوالي سان هڪڙو قومي ادارو آهي، جيڪو (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي ان بنياد تي قائم ڪيو هو ته جيئن پاڪستان جي ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ انهن صنعتن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، جتي پاڻيءَ، بجليءَ، پڪن رستن ۽ زندگيءَ جي ٻين بنيادي سهولتن جو تصور ئي محال هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ذوالفقار علي ڀُٽي جي سربراهيءَ ۾ خاص ڪري انهن علائقن جي عوام جي بهتريءَ لاءِ PIDC جي ذريعي منصوبه بندي ڪئي ۽ چئني صوبن جي پٺتي پيل ڏورانهن علائقن ۾، جتي ڪا پيداوار يا ڪچو مال دستياب هو، اُتي لاڳاپيل صنعتون قائم ڪيو ويون. ان رٿا هيٺ: پنجاب ۾: قائداعظم وولن ملز ۽ ٻيون صنعتون: سنڌ ۾: شهداد ڪوٽ ٽئڪسٽائل ملز، لاڙڪاڻو شگر مل ۽ ٻيون صنعتون. خيبر پختونخوا هه ۾: دير فاريسٽ انڊسٽريز ڪمپليڪس ۽ ٻيون صنعتون. بلوچستان ۾: ڪوئٽا ٽيڪسٽائل ملز، هرنائر وولن ملز، لسٻيلا ٽئڪسٽائل ملز (اوٿل) ۽ ٻيون صنعتون. ان سان انهن ڏتڙيل ۽ پُٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي روزگار فراهم ٿيو. علائقن ۾ پاڻي، بجلي ۽ پڪا رستا تعمير ٿيا، جن جي ڪري غريب عوام کي زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون فراهم ٿيون. جولاءِ 1977ع کان پوءِ مارشل لاءِ حڪومت جتي عوام کي جمهوريت کان محروم ڪيو، اتي پنهنجي عوام دشمن پاليسين ذريعي لکن جي تعداد ۾ پورهيتن کي روزگار کان به محروم ڪري ڇڏيو. PIDC رٿا هيٺ قائم صنعتون به انهن منفي پاليسين جو شڪار ٿيون ۽ آهستي آهستي زوال پذير ٿينديون ويون. 1988ع ۾شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ وري جڏهن جمهوري حڪومت قائم ٿي ته هن ڏانهن ڌيان ڏنو ويو. پر بدقسمتيءَ سان پ پ پ حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ نوازشريف جي حڪومت اچڻ سان ساڳي ضياءُالحق واري پاليسي اختيار ڪئي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو